Manifesto in Sindhi

اسان اِظهار جي آزادي ۽ ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ جي حق جي حفاظت تي يقين رکون ٿا. اسان اظهار جي آلن (ٽُولز) جي عالمي رسائي تي يقين رَکون ٿا.
اُنَ حوالي سان اسان چاهيون ٿا ته هر اُهو ماڻهو جيڪو اِظهار ڪرڻ گهُري ٿو اُنَ وٽ ڳالهائڻ جا ذريعه هُجَن ۽ هر اُهو ماڻهو جيڪو اُهو اِظهار ٻُڌڻ چاهي ٿو اُنَ وَٽ ٻُڌَڻ جا ذريعا هُجن.
نئي ٽيڪنالاجي جي مهرباني سان هاڻي پبليشنگ ۽ ڊسٽريبيوشن جا مالڪ ۽ سرڪار، جيڪا
سوچ ۽ رابطي کي محدود ڪري، اِظهار کي قابو نه ٿا ڪَري سَگهن. هاڻي ڪير به پريس جي طاقت کي استعمال ڪَري سگهي ٿو. هر ڪو دُنيا کي پنهنجيون ڳالهيون ٻڌائي سگهي ٿو.
اسان اُنهن فاصلن کي مِٽائڻ چاهيون ٿا جيڪي هِنَ دُنيا جي ماڻهن کي هِڪٻئي کان الڳ ڪَن ٿا. اسان هِڪٻئي جي خيالن کي سمجهي، گڏجي، وڌيڪ موءَثر ۽ طاقتور ڪَم ڪرڻ چاهيون ٿا.
اسان براهراست رابطي ۽ ميل جول جي طاقت تي يقين رکون ٿا. دنيا ڀر ۾ مختلف علائقن جي ماڻهن جو پاڻ ۾ تعلق ذاتي، سياسي ۽ تمام مضبوط هوندو آهي. اسان يقين رکون ٿا تا هنَ ڌرتي جي تمام شهرين جي آزاد، شاندار، منصف ۽ تائِيدي مستقبل لاءِ بينلاقوامي گفتگو تمام ضروري آهي.
اِنفرادي طور تي ڳالهائڻ ۽ ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ اسان اُهو به چاهيون ٿا ته اسان پنهنجن گڏيل مفادن ۽ مقصدن جي نشاندهي ڪري انهن کي اڳيان وڌايون. اسان هِڪٻئي کي ٻُڌڻ، سِکَڻ، سيکارڻ، عِزت ڪَرڻ ۽ هِڪٻئي جي مدد ڪرڻ جو عهد ڪريون ٿا.
اسان آهيون عالمي آوازون!

Receive great stories from around the world directly in your inbox.

Stay up to date about Global Voices and our mission. See our Privacy Policy for details. Newsletter powered by Mailchimp (Privacy Policy and Terms).


* = required field
Email Frequency



No thanks, show me the site